وفاقي وزير منصوبه بندي احسن اقبال پاران شماري کاتي کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته ملڪ ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن جو حتمي اندازو لڳايو وڃي. ذريعن موجب، حتمي نقصانن جو جائزو وٺڻ لاءِ آدمشماري ۽ زراعت شماري جو ڊيٽا استعمال ڪيو ويندو، جڏهن ته انفراسٽرڪچر ۽ ڪاروباري تباهي جو پتو لڳائڻ لاءِ اڪنامڪ شماري جي ڊيٽا کان پڻ مدد ورتي ويندي. زراعت شماري کان حاصل ڪيل ڊيٽا مان فصلن ۽ لائيو اسٽاڪ جي نقصانن جو تفصيلي تجزيو ڪيو ويندو، جڏهن ته موجوده ڊيٽا ۽ جديد سافٽ ويئر جي استعمال سان ٻوڏ جي سروي کي وڌيڪ صحيح بڻايو ويندو.اختيارين موجب، تازو مڪمل اڪنامڪ شماري دوران ملڪ جي سڀني عمارتن کي جيوٽيگ ڪيو ويو هو، جنهن جي مدد سان ضلعا، بلاڪ ۽ ڳوٺ جي سطح تي ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن جو صحيح اندازو لڳائي سگهجي ٿو. انهي سان گڏ بزنس سينٽرز، اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽين ۽ مسجدن سميت ٻين عمارتن کي پهچندڙ نقصانن بابت به تفصيلي ڄاڻ حاصل ٿيندي.