حڪومت پاران سيلاب متاثرن لاءِ ايندڙ 24 کان 48 ڪلاڪن ۾ پيڪيج آڻڻ جو اعلان

تفصيل موجب سيڪريٽري پاور ڊويزن قومي اسيمبلي جي قائمہ ڪاميٽي براءِ توانائي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سيلاب متاثرن لاءِ پيڪيج تيار ڪيو پيو وڃي.سيڪريٽري پاور ڊويزن فخر عالم عرفان چيو ته سيلاب متاثرن کي بجلي جي بلن ۾ رليف ڏيڻ تي ڪم ٿي رهيو آهي، هڪ ٻن ڏينهن ۾ متاثرن لاءِ رليف جو اعلان ڪيو ويندو.هن وڌيڪ ٻڌايو ته سيلاب متاثر علائقن ۾ رليف لاءِ آءِ ايم ايف سان رابطا جاري آهن ۽ وزارت خزانه سان به پيڪيج بابت ڳالهين جو سلسلو هلندڙ آهي.درياءِ سنڌ ۾ گڊو ۽ سکر بئراج تي اونهي سطح جو سيلاب موجود آهي.بريفنگ دوران سيڪريٽري پاور ڊويزن وڌيڪ ٻڌايو ته گذريل سال 640 ارب جي هدف جي ڀيٽ ۾ 397 ارب روپين جو نقصان ٿيو، جڏهن ته موجوده مالي سال لاءِ بجلي جي نقصان جو هدف 540 ارب مقرر ڪيو ويو آهي.ان موقعي تي هن چيو ته حيسڪو ۽ سيپڪو جي بورڊز جي ٻيهر جوڙجڪ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪئي ويندي، نون بورڊز ۾ اڪثريت پرائيويٽ سيڪٽر جي ميمبرن جي هوندي ۽ ڪوشش ڪئي ويندي ته نجِي شعبي جا ماهر شامل ڪيا وڃن.