جماعت اسلامي خيبرپختونخوا جي اڳوڻي امير ۽ سينيٽر (ر) مشتاق احمد خان چيو آهي ته اڄ عافيه صديقي جي ڪيس جي ٻڌڻي کان پوءِ اهو ثابت ٿي ويو آهي ته حڪومت پاڪستان ئي هن جي آزادي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي ۽ حڪومت پاڻ عافيه صديقي جي رهائي ۾ روڙا اٽڪائي رهي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن الزام لڳايو ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته ڪنهن به طريقي سان عافيه صديقي جي آزادي ممڪن نه ٿي سگهي مشتاق احمد خان جو چوڻ هو ته آمريڪا جي عدالت ۾ صرف اهو هڪ نوٽ جمع ڪرائڻو آهي ته حڪومت پاڪستان پنهنجي شهري عافيه صديقي جي آزادي چاهي ٿي، پر حڪومت آمريڪا جي عدالت ۾ اهو نوٽ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته حڪومت هن ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ مان اسٽے آرڊر وٺڻ جي به ڪوشش ڪئي آهي واضح رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڊاڪٽر عافيه صديقي جي وطن واپسي بابت ڪيس ۾ وفاقي حڪومت جي رپورٽ نه اچڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. جسٽس سردار اعجاز چيو آهي ته آمريڪي عدالت ۾ مدد کان انڪار جون سببون ٻڌائڻ لاءِ رپورٽ گهري هئي پر اها پيش نه ٿي، جنهن تي هن چيو ته جيڪڏهن رپورٽ نه آئي ته سڄي وفاقي ڪابينا کي طلب ڪندس ۽ وفاقي وزيرن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪبي. هن اهو به چيو ته عدالت صرف ڪابينا نه، پر وزيراعظم خلاف به ڪارروائي ڪندي، جڏهن ته عدالت جون ۾ حڪومت کان جواب گهريو هو.