وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ختم نبوت ﷺ تي عقيدو اسان جو ايمان ۽ جان آهي جنهن تي اسان جو سڀ ڪجهه قربان آهي.شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ چيو ته تحفظ ختم نبوت ﷺ پارليامينٽ جي گڏيل قرارداد جي منظوري کي 50 سال مڪمل ٿي ويا، 7 سيپٽمبر 1974ع تي پاڪستان جي پارليامينٽ تحفظ ناموس رسالت جو حق ادا ڪيو.هن چيو ته انهي تحريڪ کي پيش ڪرڻ، منظور ڪرڻ وارا ۽ اهم ترين موضع تي وسوسا ختم ڪرڻ سميت ڪردار ادا ڪندڙ پارليامينٽ ميمبر، عالم سڳورا، مشائخ ۽ اسلامي اسڪالرز کي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو.وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته ختم نبوت ﷺ جو عقيدو اسان جو ايمان ۽ جان آهي جنهن تي اسان جو سڀ ڪجهه قربان آهي.