خضدار اسڪول بس حملي جا وڌيڪ 2 شاگرد فوت، انگ 8 ٿي ويو

 خضدار ۾ اسڪول بس تي ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگرد حملي ۾ زخمي ٿيل وڌيڪ 2 شاگرد فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ شهيد شاگردن جو انگ وڌي 8 ٿي ويو. سيڪيورٽي ذريعن موجب شيما ابراهيم ۽ مسڪان زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويا، خضدار اسڪول بس حملي ۾ شهيد ٿيلن ۾ 7 شاگردياڻيون ۽ هڪ شاگرد شامل آهن. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته خضدار ۾ بزدلانه حملي جي منصوبه بندي دهشتگرد رياست ڀارت ۾ ڪئي وئي، معصوم ٻارن جي رت جو حساب فتنته الهندوستان ۽ انهن جي هندستاني آقائن کان ورتو ويندو.