دفاع واري وزير خواجه آصف ملٽري ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ٽرائل جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ دفاع واري وزير خواجه آصف چيو ته ملٽري ڪورٽ ۾ اڳ به ٽرائل ٿيندا رهيا آهن. آئنده به ٿيندا رهندا ملٽري قانون جي تحت ماڻهن جو ٽرائل ڪري سگهجي ٿو. عمران خان جي خلاف شاهديون ملٽري ٽرائل طرف وڃي رهيون آهن، روزاني اها شيءَ چٽي ٿي رهي آهي ته انهي جو ٽرائيل اتي ئي ٿيندو.خواجه آصف چيو ته پي ٽي آءِ باني بابت جاچ راز ۾ آهي منهنجي اوستائين پهچ نه آهي. سوال اهو آهي ته عمران خان فوجي حدفن ۾ مظاهرا ڇو ڪرايا.هن چيو ته جنهن شهر ۾ مظاهرو ٿيو، فوج کي ٽارگيٽ ڪيو ويو اهي بنيادي شيون اسان جي رهنمائي ڪن ٿيون ته اندر جا ڪجهه ماڻهو ڊائريڪيشن ڏئي رهيا هئا اهڙن مظاهرن بابت لازمي طور تي عمران خان جون هدايتون هيون.دفاع واري وزير چيو ته اقتدار ڇڏڻ جو ڏک پي ٽي آءِ باني کي ته هو پر انهي سان گڏ ساڳيو ڏک(جنرل(ر) فيض کي به هو. فيض حميد آرمي چيف بنجڻ چاهيو ٿي. لسٽ ۾ ان جو نالو هو، انهي سلسلي ۾ هن مسلم ليگ(ن) جي قيادت سان به رابطو ڪيو. هن يقين ڏياريو ته اوهان آرمي چيف بنائڻ جي حمايت ڪندو ته مان وفاداري سان اوهان جو ساٿ نڀائيندس، هن انهي سلسلي ۾ ڪجهه ضمانتون به ڏنيون هيون.خواجه آصف چيو ته جنرل(ر) فيض جي پي ٽي آءِ باني سان تمام گهڻي ويجهڙائپ رهي آهي. فيض حميد جڏهن کان گرفتار ٿيو آهي اهو به هن جون داستانون ٻڌائي رهيو هوندو انهي کي ان ڳالهه جي خواهش هوندي ته سمورا الزام ڪنهن ٻئي تي وجهي ڇڏيان، هو چوندو ته جيڪڏهن مان انهي سازش ۾ شريڪ به هئس ته انهي جا جيڪي مقصد هئا اهي منهنجا نه پي ٽي آءِ باني جا هئا.