خواجه آصف :چيو آهي ته نگران وزيراعظم لاءِ پنج نالا شارٽ لسٽ ڪري ورتا

بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته نگران وزيراعظم لاءِ 5 نالا شارٽ لسٽ ڪيا ويا آهن بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي فيصلو ڪيو آهي ته نگران وزيراعظم جي عهدي لاءِ هڪ سياستدان جي چونڊ ڪئي ويندي جنهن لاءِ 5 نالا شارٽ لسٽ ڪيا ويا آهن خواجه آصف چيو ته نگران وزير اعظم لاءِ مونکي ڪا آڇ ناهي ڪئي وئي بچاءَ واري وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي گڏجي ان حوالي سان 4 کان 5 نالا شارٽ لسٽ ڪيا آهن، جڏهن ته نگران وزيراعظم لاءِ هڪ هڪ نالو هڪ هفتي ۾ فائنل ڪيو ويندوخواجه آصف چيو ته اتحادي پارٽيون مشاورت کانپوءِ ان حوالي سان فيصلو ڪنديون، منهنجي خيال ۾ اسان لاءِ بهتر آهي ته چونڊون 90 ڏينهن ۾ ڪرايون وڃن