دوحا – نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته قطر تي تازو اسرائيلي حملو عالمي قانون، گڏيل قومن جي چارٽر ۽ اسلامي ملڪن جي خودمختياري جي ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن مسلمان ملڪن جا فيصلا رڳو بيانن تائين محدود رهيا ته عوام جي نظرن ۾ اهي ملڪ ناڪام نظر ايندا. الجزيره ٽي وي کي ڏنل خصوصي انٽرويو ۾ هن چيو ته اسرائيل هڪ “بي قابو رياست” بڻجي ويو آهي جيڪو هڪ کان پوءِ ٻئي اسلامي ملڪ تي حملو ڪري رهيو آهي. لبنان، شام، ايران ۽ هاڻ قطر تي حملا ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته اها روش وڌيڪ برداشت جوڳي نه آهي.اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان صوماليه ۽ الجزائر سان گڏجي گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل ۾ خصوصي اجلاس طلب ڪرائڻ لاءِ قدم کنيا آهن، جڏهن ته جنيوا ۾ انساني حقن واري ڪونسل کي به فعال ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن زور ڏنو ته 57 رڪني اسلامي تعاون تنظيم جو اجلاس هاڻ رڳو قراردادن تائين محدود نه رهي، پر واضح لائحه عمل اختيار ڪري.هن چيو ته فوجي قدم آخري آپشن آهي، پر جيڪڏهن ڳالهيون ناڪام ٿي وڃن ته پوءِ اقتصادي پابنديون، قانوني ڪارروائي يا علائقائي سيڪيورٽي فورس قائم ڪرڻ به ضروري ٿيندو.پاڪستان جي ايٽمي صلاحيت بابت سوال تي هن چيو ته اها صرف دفاعي نوعيت جي آهي، ڪڏهن استعمال نه ڪئي وئي آهي پر جيڪڏهن خودمختياري تي حملو ٿيو ته پاڪستان هر قيمت تي پنهنجي بچاءَ ڪندو، پوءِ ڪهڙو به ملڪ ڇو نه هجي.ڀارت بابت ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته ڪشمير هڪ مڃيل تڪرار آهي ۽ گڏيل قومن جون قراردادون موجود آهن. ڀارت جو آرٽيڪل 370 جو خاتمو ۽ ڪشمير کي ضم ڪرڻ جهڙا قدم عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهن. جيڪڏهن ڀارت پاڻي کي هٿيار بڻايو ته اهو اعلانِ جنگ تصور ڪيو ويندو.افغانستان بابت ڳالهائيندي هن چيو ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا بهتر ٿي رهيا آهن، واپار ۽ ريلوي منصوبن ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، پر افغان سرزمين تي ٽي ٽي پي ۽ بي ايل اي جهڙن دهشتگردن جي موجودگي ناقابل قبول آهي.انٽرويو جي آخر ۾ پرڏيهي وزير چيو ته في الوقت سڀ کان اهم قدم غيرمشروط جنگبندي ۽ غزه ۾ انساني امداد جي آزاد فراهمي آهي، ڇو ته هر لمحو قيمتي آهي ۽ هر حياتي جي حفاظت سڀني کان اولين ترجيح هجڻ گهرجي.