خورشيد شاهه جو دبئي جي ملاقاتن تي اهم بيان اچي ويو

پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته دبئي ۾ ڪو ميثاق جمهوريت سائن نه پيو ٿئي، سياستدانن جون ملاقاتون ٿينديون رهنديون آهن.
سکر ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي صحافين سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته پي ٽي آءِ تي پابندي بابت اڃا ڪا ڳالهه سامهون ناهي آئي، نَو مئي تي هڪ جماعت اهو ڪيو، جيڪو اسان جو دشمن 75 سالن ۾ نه ڪري سگهيو.هن چيو ته پاڪ فوج جي جن شهيدن جي بهادري کي دشمن تسليم ڪيو ۽ تعريف ڪئي، انهن ماڻهن انهن شهيدن سان جيڪو ڪيو، اهو مذمت جوڳو آهي.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته حڪومت جو مدو پورو ٿيندي ئي نگران سيٽ اپ ايندو، چونڊون وقت تي ٿينديون، پي ڊي ايم يا ڪنهن سياسي جماعت سان اتحاد جو فيصلو پارٽي قيادت ڪندي آهي، اڃا اهڙو ڪو فيصلو ناهي ٿيو.