خوشاب: اوباش نوجوانن نشو ڏئي 2 سڳين ڀينرن کي اجتماعي جنسي زيادتي جو نشانو بنائي ڇڏيو

پنجاب جي ضلي خوشاب جي تعلقي نورپور تهل ۾ اوباش نوجوانن 2 سڳين ڀينرن کي نشو ڏئي مبينه زيادتي جو نشانو بنائي ڇڏيو رپورٽ موجب پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته متاثره ڇوڪريون واقعي وقت گهر ۾ اڪيليون موجود هيون، جوابدار محمد حسنين، عبدالرئوف، عمر فاروق ۽ محمد ايوب ڇوڪرين کي نشنو ڏئي زيادتي جو نشانو بنايو نورپور تهل پوليس متاثر ڇوڪرين جي والد جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. پوليس موجب مبينه زيادتي جو نشانو بڻيل ڇوڪرين جون عمرون 19 کان 22 سال جي وچ ۾ آهن پوليس موجب جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، مبينه زيادتي جو واقعو ڏوراهين ڳوٺ پيلو وينس ۾ پيش آيو، ڇوڪرين جي بيان کان پوءِ واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي.