خوشحال سنڌ کي ڏاڍ جي بنيادَ تي بکيو ۽ بدحال رکيو ويو آهي، تڪراري ڊجيٽل آدمشماري کي رد ڪريون ٿا:رياض چانڊيو

جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اڄ سڄي سنڌ ۾ جيئي سنڌ محاذ جي طرفان پُر امن هَڙتال ۽ احتجاجي مظاهرا ٿيا آهن سڄي سنڌ واسين ۽ سنڌ جي قومي شَعور جا ٿورائتا آهيون جن جيئي سنڌ محاذ جي طرفان ڊجيٽل مردم شماري جي نالي سان ٿيندَڙ بوگَس آدم ڳَڻپ کي مڪمل رَد ڪيو آهي. انگن جي هيرا ڦيري جي ذريعي حڪمران سنڌين جي وجود کي پنهنجي سرزمين تي سازشي انداز ۾ ٿورائيءَ ۾ تبديل ڪري، سازشي انداز ۾ اسان کي ٽئين درجي جو شهري بڻائي اسان جي مادر وطن سنڌ تي دائمي قبضو ڪرڻ گهرن ٿا.رياض چانڊيو چيو ته سنڌين جي قومي وجود جي خاتمي واري سازش ۾ پيپلز پارٽي سهولتڪار آهي، جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم(پاڪستان) تاريخ جو اهي منافق ۽ احسان فراموش مافيائون آهن جن جو ڪم رڳو دهشَتگردي ۽ نفرت فهلائڻ آهي. اڄ سنڌي قومَ جي سخت ڏنل رد عمل کانپوء دنيا اندر واضح ٿي ويو آهي ته هن ملڪ جون مالڪ قوتون اسان کي فنا ڪرڻ گهرن ٿيون.جسم چيئرمين چيو ته سنڌ مان فوري طور تي غير ملڪي ماڻهن کي ٻاهر ڪَڍيو وڃي. 2022 جي ٻوڏ ۾ ٻه ڪروڙ متاثرين جي فوري بحالي ۽ انهن لاءِ هنگامي امداد جو بندوبست ڪيو وَڃي. هِڪ خوشحال سنڌ کي ڏاڍ جي بنيادَ تي بکيو ۽ بدحال رکيو ويو آهي. جو پاڪستان ۾ سنڌ واسي غربت جي لڪيرَ کان هيٺ واري زندَگي گذارين ٿا. خوراڪ جي ڪَمي ۽ غربت جي ڪَري سنڌ انساني خودڪَشين جو وَڏو مرڪز ٿي وَئي آهي. 32 سالن کان پنجاب 91ع جي ٺاهہ جي ڀڃڪڙي ڪندي سنڌ جي ماڻهن کي معاشي ۽ ماحولياتي تباهيءَ جي حوالي ڪري ڇَڏيو آهي.هِن فيڊريشَن جي اندر ڪوبه ادارو ڪونهي جيڪو پنجاب جي هن لاقانونيت کي روڪي. سرڪاري رٿا تحت 40 سالن کان افغانستان جو سڄو بارڊَر 24 ڪلاڪ کليل آهي. جتان سڀني ماڻهو کي سرڪاري آشرواد سان ڪراچي حيدرآباد ۽ ٺَٽي ۾ سڄي ساحلي پَٽي ۽ سنڌ جي صحراء ٿَر تائين ورَهايو ويو آهي. جيڪي منشيات فروشي هٿيارن جي سپلاء ۽ ٻيا غيرقانوني ڌنڌا ڪن ٿا جيڪي سنڌ واسين لاء عذاب جي صورت اختيار ڪري ويا آهن.رياض چانڊيو چيو ته سنڌ جي ڏَهن ضلعن ۾ امن اَڻ لَڀ آهي.جن ۾نوشهر فيروز، خيرپور، سکر. گهوٽڪي، ڪشمور، جيڪب آباد، شڪارپور، لاڙڪاڻو، قمبر ۽ دادو ۾ حڪومتي سرپرستي ۾ روزاني ماڻهو مري رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ تعليم تباهہ آهي صحت جو نظام برباد آهي. سڄي سماجي اوسَر حڪمرانن روڪي ڇَڏي آهي. رڳو وحشت ۽ درندگي جو راڄ آهي.