خيبرپختونخواهه جي علائقي ڏکڻ وزيرستان جي ٻن ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي. گذريل ڏينهن ضلعي ڏکڻ وزيرستان اپر، ضلعي ڏکڻ وزيرستان لوئر ۽ ٽانڪ جي ڊپٽي ڪمشنرز طرفان ڪرفيو جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا هئا. نوٽيفڪيشن موجب صبح 6 کان شام 6 وڳي تائين سمورا رستا بند رهندا. زالئي، تانيو ڪيڊٽ ڪاليج وانا جا روڊ بند رهندا. تنائي، سرواڪئي، جنڊوله، ڪاور قلعو روڊ به بند رهندو. احمد وام کان ڪوٽڪئي تائين رستا بند رهندا. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته بي بي رغزئي کان جنڊوله تائين روڊ بند رهندو. اهڙن رستن تي هر قسم جي چرپر تي مڪمل پابندي لاڳو ٿيل آهي. مسافرن کي ٻيا رستا اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي جڏهن ته وانا گومل زام روڊ مسافرن لاءِ کليل رهندو. ضلعي انتظاميه موجب ٽانڪ ۾ اڄ ڪرفيو لاڳو هوندو، جنڊوله، ٽانڪ، وانا، ڏکڻ وزيرستان روڊ بند رهندا. ڊپٽي ڪمشنر عوام کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان وڌ کان وڌ تعاون ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته عوام کي گهرجي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان وڌ کان وڌ تعاون ڪيو وڃي ته جيئن صورتحال کي معمول تي آڻي سگهجي.