خيبرپختونخواهه جي علائقن باجوڙ، خيبر، مردان، مالاڪنڊ، لوئر دير، مانسهره سميت مختلف شهرن ۾ تيز برسات ۽ ڳڙو پوڻ سبب ڏينهن جي وقت به اونداهي ڇائنجي وئي. اربع تي ضلعي خيبر ۾ ٻوڏ وهڪرن ۾ ڪيتريون ئي گاڏيون لڙهي ويون، جڏهن ته آسماني کنوڻ ڪرڻ سبب هڪ ايف سي اهلڪار فوت ٿي ويو. بٽگرام جي جابلو علائقن مان ايندڙ ٻوڏ وهڪرن ۾ موٽر سائيڪلون به لڙهي ويون، تيز برساتن سبب باغن ۽ فصلن کي نقصان پهتو آهي، ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي به معطل ٿي وئي. لنڊي ڪوتل ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ طوفان سان گڏ تيز برسات پئي، تيز برسات سبب ندي نالن ۾ چاڙهه اچي وئي، لنڊي ڪوتل بازار ۾ گاڏيون ٻوڏ وهڪرن ۾ لڙهي ويون، جڏهن ته ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو آهي. انهي کان علاوه، جهلم، حافظ آباد، ڊيره غازي خان، گجرات سميت پنجاب جي ٻين ضلعن ۾ به هلڪي ۽ تيز برسات پئي جهلم ۾ ڀت ڪرڻ جي ٻن واقعن ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، ٻئي طرف سنڌ ۽ بلوچستان جا ڪيترائي شهر سخت گرمي جي لپيٽ ۾ آهن. اين ڊي ايم اي خبردار ڪيو آهي ته هلندڙ سال ملڪ ۾ وڌ کان وڌ گرمي پوندي، جڏهن ته برساتون به معمول کان گهٽ پونديون.