خيبرپختونخواهه جي 17 ضلعن ۾ ننڍين چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل شروع

 خيبرپختونخواهه جي 17 ضلعن ۾ ننڍين چونڊن جي لاءِ پولنگ جو عمل شروع ٿي ويو آهي، جيڪو شام جو 5 وڳي تائين جاري رهندو.سوات، مانسهره، ڊيره اسماعيل خان، ايبٽ آباد، شانگلا، لوئر دير، باجوڙ، بونير، ڪرڪ، مانسهره، ڪوهاٽ، نوشهره ۽ لکي مروت ۾ ضمني چونڊون ٿي رهيون آهن.اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ضمني چونڊن جي لاءِ رجسٽرڊ ووٽرز جو انگ 3 لک 46 هزار 604 آهن، 260 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن.پوليس چيو آهي ته ضمني چونڊن جي لاءِ 6500 کان وڌيڪ اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن جڏهن ته پشاور ۾ 800 کان وڌيڪ اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي.