خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ دهشتگردن طرفان ڪيل 3 حملا پوليس جي وقت تي ڪارروائي سبب ناڪام بنايا ويا. لکي مروت جي گمبيلا ٿاڻي تي دهشتگردن 10 کان 15 هٿياربندن سان حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوليس جي جوابي ڪارروائي سبب حملو ناڪام بنايو ويو. ڊي پي او لکي مروت جواد اسحاق موجب پوليس وڏي حملي کي وقت تي ڪارروائي ذريعي ناڪام بنائي ڇڏيو، حملي آور فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. پشاور ۾ به پوليس چوڪي ملازئي تي دهشتگردن دستي بم سان حملو ڪيو، جڏهن ته خيبر پوليس چوڪي باءِ پاس روڊ تي دهشتگردن فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار زخمي ٿي پيا. پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ حملو ڪندڙ زخمي حالت ۾ فرار ٿي ويا. زخمي اهلڪارن کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. انهي دوران جمرود ايف سي چيڪ پوسٽ تي به شدت پسندن حملو ڪيو، ايف سي باڙه رائفلز جي جوابي فائرنگ کان پوءِ حملو ڪندڙ اونداهي جو فائدو وٺندي فرار ٿي ويا.