خيبرپختونخواهه ۾ بدامني عروج تي آهي، ڪيترائي علائقا نوگوايريا بڻجي ويا آهن: فيصل ڪريم ڪنڊي

 خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته صوبو هڪ دفعو ٻيهر بدامني جي باهه ۾ ٻري رهيو آهي. ڊي آءِ خان کان ڪوهاٽ تائين جو علائقو نوگو ايريا بڻجي ويو آهي. ڪجهه علائقن ۾ حڪومت جي رٽ موجود ئي نه آهي.ملتان ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي خيبرپختونخواهه جي گورنر چيو ته ملتان منهنجو ٻيو گهر آهي، خوشي ٿئي ملتان جي عوام پيپلز پارٽي سان وفا ڪئي. پيپلز پارٽي پنهنجي حڪومت واري دور ۾ اتحادين  کي گڏ کڻي هلندي هئي.هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ بدامني وڌي رهي آهي ۽ صوبائي حڪومت امن قائم ڪرڻ ۾ ناڪام آهي، وڏو وزير علي امين گنڊاپور کي جلسن ۽ احتجاج کان ٽائيم ئي نٿو ملي.هن چيو ته ڊي آءِ خان کان ڪوهاٽ تائين جو علائقو نوگو ايريا بڻجي ويو. ڪجهه علائقن ۾ حڪومت جي رٽ موجود ئي نه آهي. بدامني عروج تي آهي، جڏهن ته سوات ۾ صوبائي حڪومت جي غفلت سبب سفارتڪارن تي حملو ٿيو.