پيشيور/اسلام آباد: خيبرپختونخواهه ۾ 9 ۽ 10 سيپٽمبر تي سيڪيورٽي فورسز جي ٽن مختلف ڪاررواين دوران ڀارتي سرپرستي وارا 19 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب، دهشتگردن بابت اطلاع ملڻ تي سيڪيورٽي فورسز مهمند ضلعي جي علائقي گلونو ۾ انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ڪيو. ڪاررواي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ 14 ڀارتي سرپرستي وارا خوارج مارجي ويا. ساڳئي طرح، هڪ ٻيو آپريشن اتر وزيرستان جي علائقي دته خيل ۾ ڪيو ويو، جتي وڌيڪ 4 خوارج مارجي ويا. ٻئي پاسي، ضلعي بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز هڪ ٻئي خارجي دهشتگرد کي به مارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون. مارجي ويل دهشتگردن کان هٿيار ۽ بارودي مواد به هٿ آيو. پاڪ فوج جي ترجمان موجب، اهي دهشتگرد گهڻيون دهشتگردانه ڪارروايون سرانجام ڏيندڙ هئا، ۽ علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي ته جيئن لڪل خوارج کي مڪمل طور ختم ڪيو وڃي. پاڪستان فوج ملڪ مان ڀارتي سرپرستي وارن دهشتگردن جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي.