خيروپر جي عدالت ۾ شادي ڪندڙ جوڙي ڌمڪيون ۽ ڪيس داخل ڪرڻ خلاف سکر پريس ڪلب ۾

خيروپر جي عدالت ۾ شادي ڪندڙ جوڙي ڌمڪيون ۽ ڪيس داخل ڪرڻ خلاف سکر پريس ڪلب ۾ صحافين آڏو داهيندي خيرپور ضلعي جي پريالوء جي رهواسڻ ناري طيبه نوحاڻي ۽ خيرپور شھر جي رهواسي نوجوان عمران نوحاڻي ٻڌايو آھي ته 18مئي 2023 تي خيرپور جي عدالت ۾ پسند جي شادي ڪئي آھي جنهن بعد طيبه جي ڀيڻويئي اياز نوحاڻي ۽ ڀاء وقار نوحاڻي پريالو ٿاڻي تي عمران جي والد ياسين نوحاڻي ۽ ڀاء رياض نوحاڻي خلاف اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي ٻنهي کي لاڪ اپ ڪرايو آھي۔ناري طيبه جو چوڻ هو ته عمران سان پهنجي مرضي سان پسند جي شادي ڪئي آھي ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو۔جوڙي ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين اختيارن کان گهر ڪئي آھي ته پريالو ٿاڻي تي داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪرائي گرفتار ياسين نوحاڻي ۽ رياض نوحاڻي کي آزاد ڪرائي انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي۔