خيرپور: بدنام ڌاڙيل بٽڻ شيخ دهشت جي علامت بڻجي ويو، ٻوڏ متاثر گهرن لاءِ آيل امدادي رقم ڀتي طور وصول ڪرڻ لڳو، متاثرين سراپا احتجاج بڻيل

 اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ بدنام ڌاڙيل سعيد عرف بٽڻ شيخ دهشت جي علامت بڻجي ويو خيرپور پوليس ڌاڙيل ۽ سندس ڏوهاري ٽولي خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۾ ناڪام ڌاڙيل بٽڻ شيخ علائقي جي مستحق ماڻهن کان ٻوڏ متاثر گهرن لاءِ آيل امدادي رقم ڀتي طور وصول ڪرڻ لڳو، متاثرين جو احتجاج انصاف جي گهر اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ربو واري کڏ جي رهواسين مڇي وڪرو ڪندڙ پورهيت ساجن علي شيخ، پيرسن ﷲ ڏنو شيخ معصوم ٻارڙن سان گڏجي نائلا، فضا، آصف، ذهب، نسيبان، دلبر ۽ ٻين سان گڏجي دهشت جي علامت بڻيل ڌاڙيل سعيد عرف بٽڻ شيخ ۽ سندس ساٿين ڏوهارين جي زيادتين خلاف ٻي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته 2022 جي برساتي ٻوڏ دوران اسان جا گهر ڊهي پٽ ٿي ويا هئا جنهن جي مد ۾ سنڌ حڪومت پاران امدادي رقم 3 لک رپيا قسطن ۾ ملي آهي جنهن مان گهر جي تعميرات ڪرائي رهيا آهيون، مظاهرين چيو ته ڪجھ ڏينھن اڳ ڌاڙيل سعيد عرف بٽڻ شيخ ڪجهه ساٿي ڏوهاري ٽولي سميت هٿيارن جي زور تي اسان جي گهر ۾ داخل ٿي گهر جي اڏاوت لاءِ مليل پئسن 3 لک مان 50 هزار ڀتو زبردستي وصول ڪيو مزاحمت تي ڏوهارين منهنجي گهرواري فضان خاتون ۽ گهر ڀاتين کي تشدد جو نشانو بڻائي فرار ٿي ويا جن جي خلاف احتجاج ۽ ايس ايس پي خيرپور آڏو فرياد ڪرڻ تي ڌاڙيل بٽڻ شيخ گذريل رات ساٿين سميت ٻيهر اسان جي گهر تي ڪاهه ڪئي جنهن دوران گهر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ پيٽي ۾ پيل 21 هزار رپيا ۽ گهر جو قيمتي سامان کڻي فرار ٿي ويا آهن. مظاهرين چيو ته ايس ايس پي خيرپور توحيد رحمان ميمڻ ۽ ايس  ايڇ او اي سيڪشن اقبال نون سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪري فرياد ڪئي پر تدارڪ نه ٿيو الٽو فرياد جي رد عمل تي ڏوهاري ٽولي ٻيهر زيادتي ڪئي ۽ گهر تي قبضي ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون مظاهرين آئي جي سنڌ ۽ غريبن جي همدرد ڊي آئي جي سکر فيصل عبدالله چاچڙ سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.