خيرپور جي يونين ڪائونسل لياري ۾ ضلع ڪائونسل جي ميمبر غلام مرتضي ٻرڙي جو جوڳي فقيرن جي عورتن مٿان بنا جواز جي سخت تشدد واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي جنهن کانپوءِ ساڃاهه وندن طرفان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ضلع ڪائونسل جي ميمبر خلاف قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو آهي وائرل ٿيل وڊيو ۾ تشدد جو نشانو بڻجندڙ عورت جا ٻار دانهون ڪندي نظر اچن ٿا ساڃاهه وندن جو چوڻ آهي ته اهي ميمبر اليڪشن کان اڳ ووٽ وٺڻ لاءِ غريبن کي چوندا آهن ته اسان غريبن جا ھمدرد آھيون اسان کي ووٽ ڏيو توھان جو تحفظ ڪنداسين توھان جي عزتن جو تحفظ ڪنداسين توھان جي ٻچن جو تحفظ ڪنداسين پر ضلع ڪائونسل جي ميمبر مسڪينن مٿان تشدد ڪري پنهنجي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي ساڃاهه وندن جو چوڻ آهي ته اقتدار ملڻ کان بعد ھي آھن ھنن جا ڪم، جو ميمبر غلام مرتضي ٻرڙو راھ ويندڙ جوڳي فقيرن مٿان تشدد ڪري رھيو آھي، ڇا پيپلزپارٽي اھڙن غنڊن کي چونڊي چونڊي ٽڪيٽون ڏنيون آهن ساڃاهه وندن جو چوڻ آهي ته نوٽيس وٺي ميمبر ضلع ڪائونسل خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي