خيرپور: ٽي بي بيماري جي خاتمي لاءِ عالمي ڏينهن تي صحت کاتي طرفان جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي

 ٽي بي جي بيماري جي خاتمي لاء عالمي ڏينهن تي صحت کاتي پاران جاڳرتا ريلي ٽي بي اسپتال مين گيٽ کان سول اسپتال گيٽ تائين ڪڍي وئي. ريلي جي اڳواڻي ايم ايس ٽي بي اسپتال ڊاڪٽر مشتاق علي ڀنڀرو،ايم ايس سول اسپتال خيرپور ڊاڪٽر مصرور ضياء شاھ، ڊاڪٽر شاهد خاصخيلي، ڊاڪٽر جوتو مل، ڊاڪٽر محمد رفيق منگي، ثريه دايو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ٽي بي جي عالمي ڏانهن حوالي سان ڪڍيل جاڳرتا ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ٽي بي جي بيماري جي خاتمي لاءِ اسان عوام ۾ جاڳرتا ڏئي رهيا آھيون  اڄ ٽي بي جو عالمي ڏينهن تي خيرپور ۾ صحت کاتي پاران جاڳرتا ريلي ڪڍي آھي جنهن ۾ اسان عوام کي اهو پيغام ڏيون ٿا ته خيرپور  ضلعي ۾ ٽي بي جي بيماري جي خاتمي لاءِ سينٽر قائم آھن جتي مفت ۾ علاج ڪيو ويندو آھي، ٽي بي جي بيماري جي خاتمي لاءِ صحت کاتو ته پهرين ڏينهن کان ڪوششون ڪري رهيو آھي  ميڊيا جي معرفت ٽي بي بيماري جي خاتمي لاءِ عوام تائين پيغام پهچن ته جيئن ٽي بي جي بيماري مان عوام کي خاتمو اچي سگهي. اڳواڻن چيو ته ٽي بي هڪ خطرناڪ بيماري آهي جيڪا لاعلاج ناهي جنهن جو علاج يقيني آهي علاج جون سهولتون اسپتالن ۾ موجود آهن ان ڪري ٽي بي جي بيماري ۾ مبتلا ماڻهو مفت ۾ علاج ڪرائي سگهن ٿا، سندس علاج ھر جڳھه تي موجود آھي۔ ٽي بي مرض جو علاج بلغم ٽيسٽ ذريعي مفت ڪيو ويندو آھي.