خيرپور : کهڙا شهر ۾ صحافي جي گهر مٿان هٿياربندن جو حملو، گوليون ۽ سرون لڳڻ سبب ٽي سالا معصوم ٻارڙي سميت چار زخمي،

خيرپور: کهڙا شهر ۾ صحافي جي گهر مٿان هٿياربندن جو حملو، گوليون ۽ سرون لڳڻ سبب ٽي سالا معصوم ٻارڙي سميت چار زخمي، نازڪ حالت ۾ اسپتال داخل، اين سي داخلا باوجود پوليس ڪابه ڪاروائي نه ڪئي، احتجاج، ايف آر داخلا ۽ جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو. تفصيل مطابق تعلقو گمبٽ جي علائقي کهڙا ٿاڻي جي حد مخدوم محلو شهر کهڙا ۾ رات دير سان هٿياربندن طرفان ڪاهه ڪري کهڙا جي مشهور صحافي مشتاق احمد ناريجو جي گهر تي چڙهائي ڪري ڇتي فائرنگ ۽ سرن جو آزادانه استعمال ڪيو ويو. جنهن سبب گوليون ۽ سرون لڳڻ سبب صحافي مشتاق احمد ناريجو جو ڀاءُ نادر ناريجو، ڀائٽيو مٺل ناريجو، ڀاڻيجو اسد ناريجو ۽ ٽن سالن جي معصوم نياڻي مهڪ ناريجو سخت زخمي ٿي پيا. فائرنگ جي آواز تي محلي واسي گهرن کان نڪري واقعي واري هنڌ پهچي ويا. جن کي ڏسندي هٿياربند هوائي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. اطلاع تي کهڙا ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي تعلقو اسپتال گمبٽ پهچايو. جتي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پيئي وڃي. ان سلسلي ۾ گهر ڌڻي صحافي مشتاق احمد ناريجو طرفان کهڙا ٿاڻي تي واقعي جي اين سي جوابدار قلندر بخش ناريجو، محمد علي ناريجو، نظام ناريجو ۽ ٻين خلاف داخل ڪرائي ويئي آهي. اين سي داخلا باوجود پوليس طرفان جوابدارن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪرڻ خلاف خيرپور ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جنهن جي اڳواڻي صحافي مشتاق احمد ناريجو، منور ناريجو، عبدالحفيظ ناريجو ۽ ٻيا ڪري رهيا هيا. مظاهرين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته کهڙا پوليس واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪئي آهي مگر جوابدارن خلاف ڪابه ايف آءِ آر داخل نه ڪئي پيئي وڃي نه وري ڪنهن جوابدار کي گرفتار ڪري سگهي آهي. هنن چيو ته الٽو جوابدار کين جاني مالي نقصان پهچائڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن. هنن آءِ جي پوليس سنڌ ڪراچي، ڊي آءِ جي پوليس سکر، ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين اعليٰ عملدارن کان نوٽيس وٺڻ جي استدعا ڪندي مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.