دائود ورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر ثمرين استعيفا ڏئي ڇڏي

دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي ڪراچي جي وائيس چانسلر استعيفا ڏئي ڇڏي، وائيس چانسلر ڊاڪٽر ثمرين عاصم پنهنجي استعيفا وڏي وزير ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ رابطي تي ڊاڪٽر ثمرين اهڙي تصديق ڪندي چيو ته وڏي وزير ڏانهن استعيفا اماڻي ڇڏي آهي. هن چيو ته استعيفا جو سبب وقت اچڻ تي ٻڌائينديس.