دادو: اڻ اعلانيل ڊگهي لوڊشيڊنگ خلاف واپارين جي سڏ تي شٽربند هڙتال، شهري روڊ تي نڪري آيا

دادو ۾ غير اعلانيل ڊگھي لوڊشيڊنگ خلاف انجمن تاجران جي سڏ تي شٽر بند هڙتال بعد شهري روڊن تي نڪري آيا وڏي انگ ۾ واپارين گل حسن پنهور، بابو سرهيو، عبدالرئوف مستوئي، احمد زئونر، ممتاز چنا، هوش محمد سومرو سميت سياسي، سماجي، ٽريڊ يونين، دوڪاندارن ۽ شهرين هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي نيو چونڪ کان مارچ ڪري ايس ايس پي موڙ تي ڌرڻو هنيو.  ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته بجلي جي غير اعلانيل ڊگهي لوڊشيڊنگ عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي سڄو سڄو ڏينهن بجلي نه هجڻ سبب ڪاروبار کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي هڪ طرف بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ آهي ته ٻئي طرف سيپڪو پاران هٿرادو واڌو بل اماڻي رهي آهي. هنن چيو ته بجلي نه هجڻ سبب پيئڻ جي پاڻي لاءِ به شهري تڙپي رهيا آهن، مظاهرين مطالبو ڪيو ته بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ ڪندڙ ڪامورن کي فوري طور هٽائي هٿرادو لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو،