دادو باءِ پاس وٽ خوفناڪ روڊ حادثو، عورت سميت 3 ڄڻا فوت، 3 زخمي


دادو باءِ پاس جوهي موڙ وٽ خوفناڪ روڊ حادثو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ عورت سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن⁠تہ2 ٻارن سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، جن کي ويجهو موجود ڊي ايڇ ڪيو اسپتال دادو منتقل ڪيو ويو آهي۔

تفصيل موجب ٻن موٽر سائيڪلن جي وچ ۾ زوردار ٽڪر ٿيو، جنهن سبب هڪ موٽر سائيڪل تي سوار روڊ تي ڪري پيا، ته پٺيان ايندڙ ٻي تيز رفتار موٽر سائيڪل سندن مٿان چڙهي وئي۔ حادثي ۾ ڪاڇي جي ڊرگھ بالا ڀرسان بهاول ٻٻر جي رهواسڻ فرزانه زال امام بخش ٻٻر سميت 3 ڄڻا فوت ٿيا، جڏهن⁠تہ باقي ٻن فوتين جي سڃاڻپ اڃا تائين نه ٿي سگهي آهي۔حادثي ۾ زخمي ٿيل 2 ٻارن سميت 3 ڄڻن کي اسپتال ۾ طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي، جڏهن⁠تہ فوتين جا لاش به پوسٽ مارٽم لاءِ منتقل ڪيا ويا آهن۔