دادو: سي آء اي انچارج بينظير جمالي منشيات ڊيلرن سان رابطن ۾ هئڻ جي بنياد تي معطل.

دادو ۾ سي آء اي انچارج بينظير جمالي منشيات ڊيلرن سان رابطن ۾ هئڻ جي بنياد تي معطل ٿي وئي. آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي ھدايتن تي سب انسپيڪٽر بي نظير جمالي کي معطل ڪرڻ جو نوٽيفيڪيشن جاري ڪيو ويو. بينظير جمالي منشيات فروشن سان تعلق جي ڏوھ ۾ معطل ڪيو ويو بي نظير جمالي کي پوليس ھيڊڪواٽر گارڊن ڪراچي رپورٽ ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وئي آھي. بي ڪمپني رپورٽ ڪرڻ جو آڊر جاري ڪيو ويو. جڏھن تہ ضلع دادو پهرين ليڊي پوليس واري کي بي ڪمپنيءَ جي سزا طور معطل ڪيو ويو. بينظير جمالي تي الزام آھن تہ  اڳوڻي سي آئي اي انچارج دادو سب انسپيڪٽر بينظير جمالي منشيات فروشن سان اسمگلرن سان ٻڌل آهي کيس معطل ڪري بي ڪمپني ڪلوز ڪيو ويو آھي.