داسو هائيڊل پاور پراجيڪٽ حملي جي ماسٽر مائينڊ سميت ٻه دهشتگرد ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا

داسو هائيڊل پاور پراجيڪٽ حملي جي ماسٽر مائينڊ سميت 2 دهشتگرد ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا.سي ٽي ڊي ترجمان موجب دهشتگرد محمد حسين ۽ اياز عرف جهانزيب کي سيڪيورٽي خدشن سبب ساهيوال جيل مان منتقل ڪيو پئي ويو ته سمندري جي علائقي ۾ فائرنگ ڪئي وئي.گرفتار دهشتگردن کي ڇڏائڻ لاءِ سندن ساٿين پوليس تي فائرنگ ڪئي، ٻئي دهشتگرد حملو ڪندڙ پنهنجن ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا.داسو حملي ۾ ملوث ٻنهي دهشتگردن کي عدالت موت جي سزا ٻڌائي هئي، 14 جولاءِ 2021 تي داسو حملي ۾ 9 پرڏيهين سميت 13 ڄڻا مارجي ويا هئا ۽ 20 زخمي ٿي پيا هئا