دبئي: نوازشريف ۽ آصف زرداري وچ ۾ ملاقات: نگران سيٽ اپ ۽ عام چونڊن تي مشاورت

دبئي ۾ پاڪستان جي ٻن وڏي اتحادي پارٽين جي اڳواڻن جو ڪٺ، نوازشريف ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري وچ ۾ اهم ملاقات ٿي آهي.ميان نوازشريف ۽ آصف زرداري وچ ۾ دبئي ۾ ٿيندڙ اهم ملاقات ۾ مسلم ليگ(ن) جي چيف آرگنائيزر ۽ سينئر نائب صدر مريم نواز ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو به شريڪ هئا.ذريعن موجب هن اهم ملاقات ۾ عام چونڊن لاءِ اسيمبليون ٽوڙڻ جي تاريخ، عبوري حڪومت ۽ سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي ڳالهيون ڪيون ويون. جڏهن ته ملڪ جي مجوده سياسي صورتحال ۽ آئنده جي لائحه عمل تي به مشاورت ڪئي وئي.ملاقات ۾ نوازشريف جي ملڪ واپسي تي به مشاورت ڪئي وئي. جڏهن ته موجوده اهم سياسي اڳڀرائي جو به جائزو ورتو ويو. جڏهن ته(ن) ليگ ۽ پيپلز پارٽي ملاقاتون جاري رکڻ تي به اتفاق ڪيو.ذريعن موجب ٻنهي پارٽي جي اڳواڻن جي عيد کان پوءِ ٻيهر ملاقات ٿيندي جنهن ۾ اهم فيصلا ڪرڻ جو امڪان آهي. (ن) ليگ طرفان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي لاءِ مانجهاندي جو به اهتمام ڪيو ويو.