لاهور : جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت تحريڪ انصاف اڳواڻ ياسمين راشد کي جناح هائوس حملي ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو.پوليس ياسمين راشد کي جناح هائوس حملي ڪيس ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو هو ۽ جسماني رمانڊ جي اپيل ڪئي هئي.عدالت ياسمين راشد جي جسماني رمانڊ جي اپيل رد ڪري ڇڏي ۽ کيس ڪيس مان بري قرار ڏئي ڇڏيو.هوڏانهن تحريڪ انصاف پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڪوڙي ڪيس ۾ ياسمين راشد سميت پي ٽي آءِ جي هزارين ڪارڪنن کي 24 ڏينهن جيل ۾ رکڻ ۽ ميڊيا تي ڪوڙي پروپئگنڊا ڪرڻ تي ڪنهن ڪنهن کي سزا ملندي؟پي ٽي آءِ موجب ياسمين راشد ڪينسر جي مريض ۽ برزگ عورت آهي، جنهن سڄي زندگي ڊاڪٽر طور ماڻهن جون حياتيون بچائيندي گذاري ۽ وزير طور ڪورونا وبا دوران ڪروڙين زندگيون بچايون.