دوڙ ويجهو خوفناڪ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ 6 مسافر فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته 50 کان وڌيڪ زخمي آهن.مهراڻ هاءِ وي تي ڪراچي کان رحيم يار خان ويندڙ ۽ ڪي پي ڪي کان ڪراچي ايندڙ مسافر ڪوچن ۾ ٽڪر سبب قربان ميراڻي، رضيه بيبي ۽ گل آغا خان سميت 6 مسافر فوت ٿي ويا.حادثي جي نتيجي ۾ محب علي پهلوان، الهورايو، شهباز، قدير، غلام فاطمه ۽ محمد سائم سميت 50 ڄڻا زخمي ٿي پيا. فوتين جي مڙهه ۽ زخمين کي نوابشاهه اسپتال ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.