دير بالا ۾ ڪارنهن الزام هيٺ عورت، سندس 8 ورهين جي ڌيءَ سميت 3 ڄڻا قتل

 پشاور جي علائقي دير بالا ۾ ڪارنهن الزام هيٺ قتل جي واقعي ۾ عورت، سندس 8 ورهين جي ڌيءَ سميت 3 ڄڻن کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب خيبرپختونخواهه جي ضلعي دير بالا جي علائقي يباڙ کيجون ۾ ڪارنهن جي الزام هيٺ افسوس واقعو پيش آيو جنهن ۾ هڪ شخص پنهنجي گهر واري، 8 ورهين جي ڌيءَ ۽ هڪ نامعلوم شخص کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي. جوابدار پنهنجي گهر واري ۽ اڻڄاتل شخص تي انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي ٿڏي تي ئي مارجي ويا جڏهن ته فائرنگ دوران معصوم 8 ورهين جي نينگري به فوت ٿي وئي. واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهتي جتي پوليس شاهديون گڏ ڪرڻ کان پوءِ لاشن کي تحويل ۾ وٺي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته پوليس واقعي جي جاچ پڻ شروع ڪري ڏني آهي. پوليس موجب واقعي کان پوءِ جوابدار واقعي واري هنڌن فرار ٿي ويو آهي جنهن جي ڳولا لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن جوابدار کي جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. افسوسناڪ واقعي کان پوءِ علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو آهي.