ذوالحج جو چنڊ شهري ڏسن، حڪومت جي اپيل

سعودي عرب شهرين کي ذوالحج جو چنڊ ڏسڻ جي اپيل ڪري ڇڏي.پرڏيهي خابرو اداري موجب سعودي عرب ملڪ ۾ رهندڙن کي حج لاءِ قمري مهيني ذوالحج جو چنڊ ڏسڻ جي اپيل ڪئي آهي، اها اپيل سعودي سپريم ڪورٽ طرفان ڪئي وئي آهي.ايپل ۾ اها اميد به ظاهر ڪئي وئي آهي ته ذوالحج جو چنڊ 18 جون آچر ڏينهن نظر اچي سگھي ٿو.سعودي سپريم ڪورٽ چنڊ ڏسندڙن کي اپيل ڪئي آهي ته هو چنڊ جي شاهدي ملڻ جو اطلاع ويجهي عدالت يا عدالت تائين ڪنهن سرڪاري پهچ ذريعي ڏين ڇو جو چنڊ جون شاهديون عيد الاضحٰي جي تاريخ طئي ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪنديون.