شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو پوٽو ذوالفقار ڀٽو جونيئر جي سياست ۾ انٽري، پهرين باقاعده سياسي جلسي جون تياريون به مڪمل ڪيون ويون آهن. جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو اڄ شام 6 وڳي لاڙڪاڻي جي جناح باغ چوڪ تي منعقد ڪيل جلسي کي خطاب ڪندو، لاڙڪاڻي ۾ جلسي لاءِ هزارين ڪرسيون لڳايون ويون آهن، جڏهن ته اسٽيج پڻ تيار ڪيو ويو آهي. علائقي کي ذوالفقار ڀٽو جونيئر جي تصويرن ۽ بينرن سان سجايو ويو آهي، گرينڊ ڊيمو ڪريٽڪ الائنس جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جي جلسي جي حمايت ڪري ڇڏي آهي. شهر جي مختلف هنڌن تي ڪيمپس قائم ڪيا ويا آهن، لاڙڪاڻي ۾ هڪ طرف پيپلز پارٽي جو جلسو آهي ته ٻئي طرف سياسي مخالف به سرگرم آهن. اڳوڻي جي ڊي اي جي ايم پي اي معظم عباسي جي جلسي ۾ شرڪت جو امڪان آهي، ذريعن موجب ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر پاڪستان پيپلز پارٽي کي ڪينالن جي معاملي تي سخت تنقيد جو نشانو بنائيندو.