راجن پور: ۾ بس ڊرائيور جي ننڊ 5 مسافرن کان حياتي کسي ورتي

راجن پور : جي علائقي فاضل پور ۾ ڊرائيونگ دوران ڊرائيور کي ننڊ اچڻ سبب تيز رفتار مسافر بس اونڌي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت جڏهن ته 20 زخمي ٿي پيا ڊسٽرڪٽ انچارج ريسڪيو ڊاڪٽر اسلم موجب فاضل پور ۾ ڊرائيور کي ننڊ اچڻ سبب حادثو پيش آيو آهي. حادثي کان پوءِ ريسڪيو اهلڪارن لاشن ۽ زخمين کي ڊسٽرڪٽ ۽ تعلقه اسپتال فاضل پور منتقل ڪري ڇڏيو آهي ڊاڪٽر اسلم ٻڌايو ته مسافر بس ۾ سوار ماڻهو سخي سرور کان جيڪب آباد وڃي رهيا هئا ته انهن جي گاڏي کي حادثي پيش آيو.