راولپنڊي: ڊيڊ لائين ختم، گرفتاريون شروع، 50 کان وڌيڪ افغان شهري پناهگير ڪئمپ منتقل

حڪومتي ڊيڊ لائين ختم ٿيڻ کانپوءِ افغان شهرين خلاف ڪارروائي تيز ڪئي وئي آهي. پوليس ذريعن موجب، افغان سٽيزن ڪارڊ رکندڙن جون گرفتاريون شروع ڪيون ويون آهن ۽ 50 کان وڌيڪ افغان شهرين کي پناهگير ڪئمپ منتقل ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته افغان سٽيزن ڪارڊ رکندڙ خاندانن کي به تحويل ۾ وٺي ڪئمپ منتقل ڪيو ويندو ۽ ڪارڊ رکندڙن کي ڪئمپ مان افغانستان موڪليو ويندو. ذريعن موجب، پوليس جو مختلف علائقن ۾ آپريشن جاري آهي ۽ آپريشن روزاني بنيادن تي جاري رهندو. ياد رهي ته پاڪستان ۾ رهندڙ غيرقانوني افغان پناهگيرن جي نيڪالي جي 31 مارچ 2025ع واري ڊيڊ لائين ختم ٿي چڪي آهي ۽ حڪومت گذريل ڏينهن کان سندن نيڪالي جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي.