پاڪستان تحريڪ انصاف جي احتجاج سبب جاڙن شهرن راولپنڊي ۽ اسلام آباد کي ملائيندڙ سمورا رستا ٽئين ڏينهن به بند آهن. راولپنڊي ۽ اسلام آباد جا مختلف ڪاروباري مرڪز به بند آهن ۽ معمول جي زندگي سخت متاثر آهي، مري روڊ ٽن ڏينهن کان هر طرح جي ٽريفڪ لاءِ بند آهي. راولپنڊي، مري روڊ طرف ايندڙ گهٽين ۽ رستن تي ڪنٽينرز موجود آهن رستن جي بندش سبب شهرين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. لياقت باغ، راولپنڊي کان فيض آباد تائين جڳهه جڳهه تي رڪاوٽو موجود آهن، پنجاب پوليس جي نفري جڳهه جڳهه مقرر ۽ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ آهي.رستا بند هجڻ سبب مريضن جو اسپتال پهچڻ به مشڪل ٿي ويو آهي. جڏهن ته موبائل، انٽرنيٽ بند هجڻ سبب آن لائن ڪاروبار به سخت متاثر آهي. انهي کان علاوه ميٽرو بس سروس ٽئين ڏينهن به معطل آهي. موبائل فون سروس جي حوالي سان اختيارين ٻڌايو آهي ته ڪجهه دير موبائل فون سروس باضابطه طور تي بحال ڪئي ويندي. اسلام آباد جي حدن ۾ ايڪسپريس وي، ڪشمير هاءِ وي ٽريفڪ لاءِ کليل آهي. مري روڊ ۽ ايئرپورٽ روڊ ٽريفڪ جي لاءِ کليل آهي پر ريڊ زون ڏانهن ويندڙ سمورا رستا بند آهن. اسلام آباد کان لاهور وڃڻ جي لاءِ موٽر وي ايم ون ٽريفڪ جي لاءِ کليل آهي. ايم ون تي کوٽيل کڏن کي ڀريو ويو آهي اسلام آباد کان پشاور ويندڙ موٽر وي ايم ٽو به کولي وئي آهي.