راکي ساونت : به عمران خان حمايت ۾ ڳالهائي ورتو

ممبئي : ڀارتي اداڪارا راکي ساونت به عمران خان جي حمايت ۾ ميدان ۾ اچي وئي.پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب راکي ساونت به پاڪستانين کي اپيل ڪئي آهي ته هو ٻاهر نڪرن ۽ عمران خان جو ساٿ ڏين.راکي ساونت پنهنجي ٽڪ ٽاڪ وڊيو بيان ۾ چيو ته اُٿو پاڪستانيو وڃو، عمران خان جو ساٿي ڏيو، جيڪڏهن اسان جي ملڪ ۾ ائين ٿئي ها ته اسان هن جي حمايت ۾ ٻاهر نڪري اچون ها.