رحيم يار خان ۾ ڌاڙيلن 4 مزدورن کي اغوا ڪري ورتو آهي. پوليس موجب ڌاڙيلن بهونگ جي علائقي نيوفارم ۾ باغ ۾ ستل 4 مزدورن کي اغوا ڪري ورتو آهي.
پوليس موجب 12 کان وڌيڪ ڌاڙيل مغوين کي ڪچي طرف کڻي ويا جنهن کان پوءِ مغوين جي بازيابي لاءِ پوليس جي وڏي نفري رواني ڪئي وئي آهي. هڪ مهينو اڳ صادق آباد مان اغوا ڪيل ٽيڪسي ڊرائيور به اڃان تائين بازياب نه ٿي سگهيو آهي.ياد رهي ته پنجاب ۽ سنڌ جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن خلاف پوليس جو آپريشن 6 مهينن کان جاري آهي پر پوليس وارا پاڻ ئي ڌاڙيلن کان محفوظ نه آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ ڌاڙيلن ڪشمور ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي هڪ پوليس اهلڪار سميت اغوا ڪري ورتو هو جنهن تي پوليس جو موقف هو ته ايس ايڇ او اغوا ڪيل هڪ ٻارڙي جي بازيابي لاءِ ڪچي واري علائقي ۾ ويو هو.ڪشمور ضلعي ۾ 3 مهينن دوران 4 ٻارن ۽ هڪ عورت سميت 43 شهرين کي اغوا ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيو ٻڌايو ته ڌاڙيلن وٽ وڏا ۽ جديد هٿيار آهن گهٽ وسيلن جي باجود پوليس جي ڪامياب آپريشن دوران 58 ڌاڙيلن مارجي چڪا آهن. ايس ايس پي چيو ته اسان وٽ هڪ وڏو مسئلو سوشل ميڊيا آهي جنهن جي ذريعي شهري ڌاڙيلن جي چڪر ۾ اچي ويندا آهن.