رحيم يار خان: رحيم يار خان جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن دوران آءِ جي پنجاب ۽ ڊي پي او تي فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ هيڊ ڪانسٽيبل زخمي ٿي پيو.رحيم يار خان ۾ ڪچي جي علائقي ۾ آءِ جي پنجاب عثمان انور جي نگراني هيٺ ڌاڙيلن خلاف گرينڊ آپريشن جاري آهي. آر پي او بهاولپور راءِ بابر سعيد ۽ ڊي پي او رضوان عمر گوندل به آءِ جي پنجاب سان گڏ موجود آهي.آءِ جي پنجاب چيو آهي ته ڪچي جي علائقي ۾ پوليس چوڪيون مڪمل بحال آهن ۽ ڌاڙيلن خلاف انٽيليجنس بيسڊ آپريشن جاري آهي. پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ فائرنگ جو سلسلو جاري آهي.عثمان انور چيو آهي ته پنجاب مان 2 هزار جوانن تي ٻڌل نفري اماڻي وئي آهي. گڏيل طور تي 11 هزار جوان آپريشن ۾ حصو وٺي رهيا آهن. سنڌ پوليس به پنهنجن علائقن ۾ آپريشن جي شروعات ڪري رهي آهي.آءِ جي پنجاب ٻڌايو ته اڄ اندروني علائقن ۾ اڳڀرائي ڪئي ويندي ڪچي جي علائقن مان ڏوهارين جي ٺڪاڻن جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو ۽ رياست ۽ قانون جي رٽ کي بحال ڪيو ويندو.