رحيم يار خان ۾ ضمني چونڊون: قومي اسيمبلي جي تڪ 171 تي پولنگ جو عمل جاري

قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 171 رحيم يار خان تي ضمني چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي.پولنگ جو عمل صبح 8 کان شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهندو. تڪ اين اي 171 تان پيپلز پارٽي جو مخدوم طاهر رشيدالدين ۽ پي ٽي آءِ جي حسان مصطفيٰ وچ ۾ ڪانٽي جي مقابلي جو امڪان آهي. جڏهن ته انهي تڪ تان 4 ٻيا به اميدوار حصو وٺي رهيا آهن.ٻئي طرف سيڪيورٽي جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي پوليس ٻڌايو ته تڪ ۾ 301 پولنگ اسٽيشن آهن جن جي سيڪيورٽي لاءِ 2700 پوليس اهلڪار مقرر آهن.ياد رهي ته اها سيٽ پي ٽي آءِ جي ايم اين اي ممتاز مصطفيٰ جي لاڏاڻي سبب خالي ٿي هئي ۽ انهي تڪ ۾ ٽوٽل ووٽرز جو انگ 5 لک 26 هزار 973 آهي.