رمضان: جو چنڊ ڏسڻ لاءِ رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس پشاور ۾ طلب

اسلام آباد: سموري ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن روزي لاءِ مذهبي معاملن واري وزارت اهم قدم کڻي ورتو.مذهبي معاملن واري وزارت اهم قدم کڻندي رمضان المبارڪ جو چنڊ ڏسڻ لاءِرويت هلال ڪميٽي جو اجلاس خيبرپختونخواهه جي صوبائي گادي واري شهر پشاور ۾ طلب ڪري ورتو آهي.موسميات کاتي طرفان اڳڪٿي ڪندي چيو ويو آهي ته رمضان المبارڪ جو چنڊ 22 مارچ 28 شعبان العمظم تي نظر اچڻ جا چٽا امڪان آهن.چنڊ جي رويت بابت موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 22 مارچ 29 شعبان المعظم تي رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچڻ جو چٽو امڪان آهي. رمضان جي چنڊ جي پيدائش 21 مارچ جي رات 10 لڳي 23 منٽن تي ٿيندي.ٻئي طرف مذهبي مذهبي معاملن واري سيڪريٽري آفتاب اڪبر دراني صحافين سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو آهي ته اميد آهي ته هن ڀيري رمضان المبارڪ جو چنڊ گڏيل هوندو. مرڪزي رويت هلال ڪميٽي هميشه صوبن کي گڏ کڻي هلندي آهي.هوڏانهن مذهبي معاملن واري وفاقي وزير مولانا عبدالخبير آزاد موجب سموري ملڪ ۾ زونل رويت هلال ڪميٽين جا اجلاس به ساڳئي ڏينهن ٿيندا.