روز جهيڙا ٿو ڪرين: حيدرآباد ۾ زال مڙس کي لوهي راڊ، ڏنڊن جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو

حيدرآباد ۾ زال مڙس جي روز روز جي جهيڙن کان تنگ اچي لوهي راڊ جا وار ۽ ڏنڊن سان حملو ڪري مڙس کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب حيدرآباد جي ڏوراهين علائقي ٽنڊو حيدر جي ڳوٺ بهلن ڪالوني ۾ ليليٰ نالي عورت پنهنجي مڙس کي گهريلو اڻبڻت تان جهيڙي کان پوءِ لوهي جي راڊ ۽ ڏندي سان حملو ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو. ڏوهاري عورت شروعاتي طور تي پوليس کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته نامعلوم ماڻهو منهنجي مڙس کي زخمي حالت ۾ گهر جي دروازي ٻاهران اڇلي فرار ٿي ويا آهن. پر پوليس گهر جي ڀتن تي رت جا نشان ۽ 4 ورهين جي ٻارجي بيان جي روشني ۾ عورت کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي. مقتول جي والد جي مدعيت ۾ پوليس ڪيس داخل ڪري ورتو آهي جڏهن ته پوليس واقعي جي هر رخ کان جاچ پڻ ڪري رهي آهي. پوليس موجب واقعو گهريلو نااتفاقي سبب پيش آيو آهي، عورت ۽ مرد ۾ روزانو جهيڙا ٿيندا هئا جنهن کان تنگ اچي عورت مڙس کي قتل ڪري ڊرامائي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.