صدارتي محل ڪريملن جي ترجمان ديمتري پيسڪوف آمريڪي صدر پاران جوهري هٿيارن جا تجربا ٻيهر شروع ڪرڻ جي اعلان تي سخت ردعمل ڏنو آهي۔غير ملڪي ميڊيا موجب روس خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا عالمي جوهري پابندي ٽوڙي ته روس به ساڳي نوعيت جو قدم کڻندو۔ديمتري پيسڪوف چيو ته تازا بورويستنڪ ڪروز ميزائل ۽ پوسائيڊن جوهري ٽارپيڊو جا تجربا جوهري هٿيارن جا تجربا نه هئا۔هن چيو ته اميد آهي ته صدر ٽرمپ کي روس جي جديد جوهري صلاحيت وارن هٿيارن بابت صحیح بريفنگ ڏني وئي هوندي۔ڪريملن جي ترجمان وڌيڪ چيو ته روس 1990ع کان پوءِ ڪنهن به تصديق ٿيل جوهري هٿيار جو تجربو نه ڪيو آهي، پر جيڪڏهن ڪو ٻيو ملڪ عالمي سطح تي پابندي ٽوڙيندو ته روس به ان جو جواب ڏيندو۔