ريالوءِ ٿاڻي جي حد ۾ بدامني نامعلوم هٿياربند هٿان ڏينهن ڏٺي جو ڳوٺاڻو يرغمال

پريالوءِ ٿاڻي جي حد ۾ بدامني نامعلوم هٿياربند هٿان ڏينهن ڏٺي جو ڳوٺاڻو يرغمال . روڪ رقم . 125 موٽرسائيڪل سميت ٻيوسامان ڦر ڪري فرار . تفصيل موجب پريالوءِ ٿاڻي جي حد پريالوءِ – سکر روڊ ڳاڙهي موري جهالو وٽان نامعلوم هٿياربندن فيض محمد ٻنڊو جي ڪچي جي ڳوٺ خدابخش ناريجو جي رهواسي جاويد پٽ وينگس ناريجو کي يرغمال بڻائي هزارين روپيه روڪ . موبائل فون سيٽ . 125 موٽرسائيڪل سميت ٻيوقيمتي سامان ڦرلٽ ڪري فرار ٿي ويا هوڏانهن ڦرواقعي بعد ڪيترائي ايندڙويندڙماڻهون روڊ تي گڏ ٿي ويا . هٿياربندن هٿان ڦرجي ويل متاثر جاويد ناريجوجو چوڻ آهي ته مان پنهنجي ڳوٺ کان سکر دوا وٺڻ لاءِ وڃي رهيو هيس ته ڄاڻايل روڊ تي نامعلوم پنج هٿياربندن مون کي يرغمال بڻائي روڪ رقم . 125 موٽرسائيڪل سميت ٻيو سامان ڦرلٽ ڪري ويا آهن