ڪراچي: انٽر بئنڪ ۾ رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڪرنسي جو قدر وڌڻ لڳو.ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن انٽر بئنڪ ۾ آمريڪي ڊالر جي اگهه ۾ 8 پئسا واڌ ٿي، جنهن کانپوءِ آمريڪي ڊالر 283 رپين 92 پئسن تي بند ٿيو.ياد رهي ته گذريل هفتي جي پڄاڻي تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 283 رپين 84 پئسن تي بند ٿيو هو.هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جو اگهه 290 رپيا آهي.