رپڙي ڀرسان لانڍيون ٿاڻي جي حد ڳوٺ پنھل خان ڪورائي ۾ اڻچاتل ھٿياربندن گهر مٿان ڪاھ ڪري اگهور ننڊ ستل نادر علي ڪورائي ۽ سندس گهر واري زبيده خاتون کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، هٿياربند نادر ڪورائي جي پٽ فياض حسين ڪورائي کي کنڀي ڳوٺ ٻاھران گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، هٿياربندن جي فائرنگ ۾ والدين جي ڀر ۾ ستل معصوم ٻارڙي رحيمان خاتون ڄنگھ ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پئي جنهن کان پوءِ ھٿيار بند فائرنگ ڪندا فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. اهڙي اطلاع تي لانڍيون پوليس پھچي لاش تحويل ۾ وٺي ڇڏيا آهن جن کي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي جڏھن زخمي ٻارڙي کي کي وارثن پاران علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو ويو آهي، واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته علائقي ۾ سخت خوف ۽ حراس پکڙيل آهي.