وفاقي راڄڌاني سميت پنجاب، خيبرپختونخواهه، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جنهن سبب شهرين ۾ خوف حراس پکڙجي ويو جنهن کان پوءِ ماڻهو ڪلمي جو ورد ڪندي گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
زلزلي جي شدت ٻڻڌائيندڙ مرڪز موجب ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 5.4 رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته انهي جي گهرائي 122 ڪلو ميٽر ۽ مرڪز ڪوهه هندوڪش هو. زلزلي جو مرڪز باجوڙ کان 102 ڪلو ميٽر پري رڪارڊ ڪيو ويو
زلزلي جا لوڏا لاهور، راولپنڊي، اسلام آباد، پشاور، هري پور، ايبٽ آباد، چارسده، سوات(مينگوره)، هزاره ڊويزن، گلگت بلتستان جي مختلف علائقن ۽ آزاد ڪشمير جي علائقن بنينا بالا، جهلم ويلي، چناري ۽ ٻين علائقن ۾ محسوس ڪيا ويا جڏهن ته وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ هن وقت تيز برسات جو سلسلو به جاري آهي غذر سميت گلگت بلتستان جي مختلف علائقن سان گڏوگڏ افغانستان ۽ تاجڪستان ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. زلزلي سبب ڪنهن به قسم جو جاني يا مالي نقصان جي فوري طور تي رپورٽون نه مليون آهن پر شهرين ۾ خوف حراس پکڙجي ويو آهي.