لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف پنجاب پوليس طرفان عمران خان جي رهائشگاهه زمان پارڪ ۾ آپريشن خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.توهين عدالت جي درخواست فواد چوڌري طرفان داخل ڪئي ويندي ۽ ان سلسلي ۾ فواد چوڌري ليگل ٽيم کي درخواست جي تياري لاءِ هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن.ٻئي طرف نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي پنجاب جي نگران اطلاعات واري وزير عامر مير چيو ته عمران خان جي رهائشگاهه زمان پارڪ ۾ آپريشن تشدد وارن واقعن ۾ ملوث ماڻهن خلاف ٿي رهيو آهي.عامر مير چيو ته زمان پارڪ اندر پوليس تي فائرنگ ڪئي وئي، پوليس مٿان حملا ڪيا ويا، پيٽرول بم اڇلايا ويا هئا. عامر مير وڌيڪ چيو ته پوليس تي حملن کان پوءِ رياست جي رٽ قائم ڪرڻ لاءِ آپريشن ٿي رهيو آهي.