زمان پارڪ ۾ امڪاني آپريشن روڪڻ لاءِ بشريٰ بي بي جي داخل ڪيل درخواست ڏنڊ سان گڏ رد

لاهور: هاءِ ڪورٽ عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي جي زمان پارڪ ۾ عيد جي موڪلن دوران امڪاني آپريشن روڪڻ جي لاءِ داخل ڪيل درخواست هڪ لک روپين جي ڏنڊ سان رد ڪري ڇڏي.بشريٰ بي بي طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ گهرو وزارت، آءِ جي پنجاب ۽ ايف آءِ اي کي ڌر بڻايو ويو هو.درخواست ۾ بشريٰ بي بي طرفان موقف اختيار ڪيو ويو ته رپورٽون آهن ته عيد جي موڪلن دوران زمان پارڪ ۾ آپريشن ٿيندو. اڳ به عمران خان جي غير موجودگي ۾ پوليس گهر تي حملو ڪيو. پوليس کي عيد جي موڪلن دوران زمان پارڪ ۾ آپريشن کان روڪڻ جو حڪم ڏنو وڃي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق سليم شيخ بشريٰ بي بي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. جنهن ۾ بشريٰ بي بي جي وڪيل اظهر صديق چيو ته زمان پارڪ تي آپريشن جون رپورٽون اچي رهيون آهن.جسٽس طارق سليم شيخ چيو ته خدشن جي بنياد تي ڇا ٿي سگهي ٿو، عمران خان واري ڪيس ۾ لارجر بينچ ڪيس ٻڌي چڪو آهي. اوهان کي اها درخواست داخل ئي نه ڪرڻ گهرجي ها. هڪ حڪم 5 رڪني بينچ ڏنو هو ته پوءِ ساڳئي درخواست ٻيهر ڇو داخل ڪئي وئي.وڪيل اظهر صديق چيو ته اها درخواست حراسان ڪرڻ جي حوالي سان هئي، جنهن تي جسٽس طارق سليم چيو ته هي درخواست به ساڳئي آهي، اوهان جي اهڙين درخواستن سان عدالت جو ڪيترو وقت ضايع ٿئي ٿو، اوهان ائين ڇو ڪندا آهيو؟ ڇو نه درخواست کي ڏنڊ سان گڏ رد ڪري ڇڏيون. بشريٰ بي بي جي وڪيل اظهر صديق چيو ته مان درخواست واپس وٺان ٿو. عدالت درخواست رد ڪندي وڪيل اظهر صديق کي هڪ روپيه ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.