زمان: پارڪ ۾ پوليس تي حملي جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي کي ڪم کان روڪڻ جي استدعا رد

لاهور :هاءِ ڪورٽ زمان پارڪ ۾ پوليس تي پٿراءُ ۽ پيٽرول بم اڇلائڻ جي الزام جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ خلاف درخواست ۾ جي آءِ ٽي کي ڪم کان فوري طور تي روڪڻ جي استدعا کي رد ڪري ڇڏيو.جسٽس طارق سليم شيخ ۽ جسٽس فاروق حيدر پي ٽي آءِ اڳواڻ مسرت جمشيد چيمه جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. مسرت جمشيد چيمه جي وڪيل پنهنجي موقف ۾ چيو ته جي آءِ ٽي جي جوڙجڪ غيرقانوني آهي. جي آءِ ٽي حڪومت ناهي ٺاهي جڏهن ته جي آءِ ٽي جي جوڙجڪ لاءِ حڪومت ئي حڪم جاري ڪري سگهي ٿي.سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته هن معاملي جي شفاف جاچ لاءِ جي آءِ ٽي ٺاهي وئي جنهن ۾ سمورن کاتن جا ماڻهو شامل آهن.عدالت سرڪاري وڪيل کان تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو چيو ته فواد چوڌري استدعا ڪئي ته عدالت جي آءِ ٽي کي ڪم کان روڪي. عدالت چيو ته اسان صرف سرڪاري وڪيل کان رپورٽ گهري رهيا آهيون، حڪم امتناع نه پيا ڏيون.فواد چوڌري چيو ته هڪ ڏينهن ۾ عمران خان تي دهشتگردي جا 15 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. عدالت چيو ته اڃان عدالت جي سامهون اهو سوال به آهي ته جيڪڏهن پوليس نه ته پوءِ جاچ ڪير ڪندو. جسٽس فاروق حيدر چيو ته عدالت کي اهو به ڏسڻو آهي ته جي آءِ ٽي جي جوڙجڪ لاءِ ڪابينه کان منظوري ورتي ويندي يا نه. جنهن کان پوءِ ڪيس جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪئي وئي.